تذڪره پوراني سادات سکر

تذڪره پوراني سادات سکر

تذڪره پوراني سادات سکر

تذڪره پوراني سادات سکر (ڪتاب ):هي مستند تذڪرو ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائيءَ جي تحقيق آهي. ڊاڪٽر قريشي هن تذڪري ۾ پوراني ساداتن جو ذڪر ڪيو آهي، جن کي ”ميرڪي سادات“ يا ”موسوي سادات“ پڻ سڏيو وڃي ٿو. پوراني سادات، ارغونن جي دور حڪومت ۾ سنڌ ۾ وارد ٿيا ۽ سنڌ کي پنهنجو وطن سمجهي، سکر، بکر ۽ ٺٽي ۾ آباد ٿيا. پوراني سيد، حضرت امام موسي ڪاظمؑ جي اولاد مان آهن، انهيءَ ڪري کين ’موسوي‘ چيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر حامد علي قريشيءَ هن تذڪري ۾ سنڌ ۾ پوراني ساداتن جي آمد، هن گهراڻي جي مشهور شخصيتن ۽ مشاهيرن جو احوال قلمبند ڪيو آهي. ان کان سواءِ سيد زئي ساداتن، سبزواري ساداتن، بهاولي ساداتن، رضوي ساداتن ۽ ٻين ساداتن جو به ذڪر آهي ۽ گڏوگڏ انهن سڀني ساداتن جا خانداني شجرا به موجود آهن. ڪتاب جي آخر ۾ انهن ماڳن ۽ مڪانن جو به ذڪر آهي، جتي اهي سادات سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا. هي ڪتاب سکر هسٽاريڪل سوسائٽيءَ طرفان 2001ع ۾ شايع ٿيو. هن ڊيمي سائيز ڪتاب جا صفحا 320 ۽ قيمت 150 رپيا آهي.


لفظ تذڪره پوراني سادات سکرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو